پيرس -09 آگسٽ (اي پي پي )نيڌر لينڊز جي هاڪي ٽيم جرمني کي پيرس اولمپڪس گيمز جي مردن جي فيلڊ هاڪي ايونٽ جي فائنل ۾ شڪست ڏئي سون جو تمغو کٽي ورتو آهي . ميچ جو فيصلو پينلٽي شوٽ آٽ تي ٿيو، جنهن تي نيڌر لينڊز جي ٽيم جرمني کي 3-1 جي گولن تان شڪست ڏني. پيرس اولمپڪس گيمز 2024 ع ۾ مينز فيلڊ هاڪي ايونٽ جاري آهن جنهن ۾ مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . نيڌر لينڊز ۽ جرمني جي مينز هاڪي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ راند 1-1 گول تان برابر رهي جڏهن ته ميچ کي فيصلي جوڳو بنائڻ لاءِ پينالٽي شوٽ آئوٽ مقابلو ٿيو جنهن ۾ نيڌر لينڊز جي ٽيم جرمني کي هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان هارائي سون جو تمغو کٽي ورتو. جرمني چاندي جو تمغو حاصل ڪيو جڏهن ته ٽامي جي تمغي لاءِ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ٽيم اسپين کي 2-1 گول تان هارائي تامي جو تمغو کٽي ورتو .