ڪراچي-08 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان تاجڪستان جي سفير شريف زودا يوسف توئير گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، سيڙپڪاري، وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته تاجڪ سيڙپڪار صوبي ۾ سيڙپڪاري مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، ايس آءِ ايف سي پروجيڪٽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهڪار ۽ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. تاجڪ سفير چيو ته تاجڪ سيڙپڪار صوبي جي مختلف شعبن ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي گورنر جا عوامي ڀلائي جا قدم ساراهه جوڳا آهن. ان کان اڳ تاجڪستان جي سفير گورنر سان گڏ آءِ ٽي ڪورسز ڪلاسز، اميد جي گهنٽي ۽ راشن ڊرائيو منصوبن جو دورو ڪيو. تاجڪستان جي سفير آءِ ٽي ڪورسز کي تمام گهڻو ساراهيو ۽ چيو ته اهڙا پروگرام نوجوانن کي هٿي ڏئي سگهن ٿا. تاجڪستان جي سفير گورنر سنڌ انيشيٽيو جي تحت جاري وڻ پوکڻ واري مهم ۾ حصو ورتو ۽ وڻ به پوکيا.