ڪراچي-08 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته قومي ترقي ۾ ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان سلسلي ۾ متحرڪ نجي شعبو پائيدار ترقي ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو واحد حل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ جي آر اي ايس پي ميچنگ گرانٽ چيڪس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تاجڪستان جي سفير Sharifzoda Yusuf Toir، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پي پي اي ايف نادر گل، چيف آئي ٽي سي جنيوا رابرٽ سڊمور سيڪٽر، ڊائريڪٽر (ڊي اي سي آءِ) ايسپين جواڪن اوليويرا، گوميز سميت مالياتي ادارن جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ننڍن ڪاروبارن ۾ 5 ڪروڙ 55 لک روپين کان وڌيڪ جي گرانٽ ورهائي وئي. ان موقعي تي سنڌ گورنر چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته اداري پاران ڪروڙين ماليت جي گرانٽ ورهائي وئي آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي ڪاروبار کي اڳتي وڌائي سگهن، اڄ ان تقريب ۾ فوڊ سيفٽي مهم به لانچ ڪئي وئي آهي جيڪا قابل تحسين آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي تي انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر (آءِ ٽي سي) ۽ يورپي يونين (اي يو) جا به شڪرگذار آهن. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته ٻوڏ جي آفتن سبب فوڊ سيڪيورٽي اسان لاءِ وڏو چئلينج رهيو. درپيش چيلينجز کان بچڻ لاءِ SMEs جي بحالي انتهائي اهم آهي. جي آر اي ايس پي جهڙا منصوبا سنڌ لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندا. سنڌ جي گورنر چيو ته جشن آزادي ملهائينداسين ۽ اهو عزم به ڪنداسين ته اسان فرد نه پر هڪ قوم آهيون، جشن آزادي تي اسان کي ياد رکڻو پوندو ته هي آزادي ڇو ورتي وئي، اسان سڀني کان غلطيون ٿينديون آهن، سڀني کي معاف ڪرڻو پوندو ۽ اڳتي وڌڻو پوندو۔ هاڻي نه ورجائينداسين اسان تقريب کي خطاب ڪندي پي پي اي ايف جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نادر گل چيو ته ايس ايم ايز اسان جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. GRASP ننڍن ڪاروبار کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندو. اهي گرانٽس فنڊ کان وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪي چيڪ ورهائڻ واري تقريب هڪ روشن ۽ خوشحال سنڌ جي طرف هڪ قدم آهي، جنهن ۾ آءِ ٽي سي جنيوا جي سربراهه رابرٽ سڊمور چيو ته سنڌ جي ايس ايم ايز جي باصلاحيت ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ سان اسان هڪ شاندار شروعات جا شاهد آهيون هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي نظر اچي رهي آهي. ڪارڪردگي ۽ ترقي اسان جي پهچ ۾ هوندي، هن وڌيڪ چيو ته اهي ڪاروبار نه رڳو اسان جي مستقبل کي ترتيب ڏئي رهيا آهن پر علائقي جي اقتصادي بحالي جو بنياد پڻ رکي رهيا آهن ڊي اي سي آءِ جي ڊائريڪٽر ايسپين جواڪن اوليويرا گوميزني چيو ته اسان هن سفر جو حصو بڻجڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا آهيون. اسان هن صوبي ۽ ايس ايم ايز جي پائيدار ترقي جي لاءِ ڪم جار رکڻ لاءِ پرعزم آهيون. هن وڌيڪ چيو ته يورپي يونين ۽ پي پي اي ايف جو شڪرگذار آهيان. تقريب کي خطاب ڪندي تاجڪستان جي سفير چيو ته اسان هن سفر جو حصو بڻجڻ لاءِ پرعزم آهيون توهان ماڻهن جي لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهيو. واپار وڌائڻ لاءِ اهي شيون پاڙيسري ملڪن ڏانهن برآمد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. مان پنهنجي ملڪ کي به گذارش ڪندس ته توهان هن ڪم ۾ ماڻهن سان تعاون ڪري ماڻهن جي زندگين کي آسان بڻائي سگهو ٿا.