حيدرآباد -08 آگسٽ (اي پي پي) نائجيريا جي تدريسي ماھرن ۽ سفارتڪارن تي ٻڌل وفد سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو دورو ڪيو. آفريڪا سان تعلق رکندڙ ملڪ نائجيريا جي سفارتڪارن، تعليمي ادارن جي سربراھن سنڌ اسيمبلي جي ايم پي اي ۽ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن جي پارلياماني سيڪريٽري صائمه آغا جي اڳواڻي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري سان ملاقات ڪئي ۽ نائجيريا جي يونيورسٽين ۾ فئڪلٽي آف زرعي تدريس شروع ڪرڻ لاءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري کي سھڪار جي درخواست ڪئي، وفد ۾ نائجيريا ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر احمد علي سروهي، ڪي اي اي ٽي يونيورسٽي نائجيريا جو ريڪٽر ابراهيم گيرو محمدول هادي، ڊاڪٽر حاليدو سومانا ابراهيم، آءِ پي ايس پي نائجيريا جو ريڪٽر ساندا مايگا عبدالله، اي آئي ٽي آفريڪي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، نيامي جو نمائندو ابراهيم بن مقصود ۽ ٻيا شامل هئا.
وفد سان ڳالهائيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٻاهرين ملڪن جي شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي ۽ گذريل سال کان خاص طور تي آفريڪي شاگردن لاءِ داخلا جو آغاز ڪيو ويو آهي، ۽ کين داخلا فيس کان آجوٰ قرار ڏنو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ريگستاني زراعت ۽ نامياتي ميون ۽ ڀاڄين تي تحقيق جو آغاز ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي آفريڪي ملڪن جي يونيورسٽين ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ پولٽري ۾ فني مدد فراهم ڪندي. ان سلسلي ۾ وائيس چانسلر نائجيريا جو دورو ڪرڻ جي حام پڻ ڀري. هن وڌيڪ چيو ته او آءِ سي جي مالي مدد سان اسرندڙ ملڪن ۾ زرعي تعليم کي ھٿي ڏني ويندي. ان موقعي تي نائيجيريا جي ڪي اي اي ٽي يونيورسٽي جي ريڪٽر مسٽر ابراهيم گيرو محمدول-هادي پنهنجي يونيورسٽي ۾ زرعي فئڪلٽي قائم ڪرڻ لاءِ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري کي تعاون جي درخواست ڪئي، تقريب دوران سنڌ زرعي يونيورسٽي جي مختلف فئڪلٽين جا ڊينز، تدريس ۽ انتظامي شعبن جا سربراهه پڻ موجود هئا، بعد ۾ وفد کي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي تدريس ۽ انتظامي شعبن، تجربي واري فارمن ۽ فئڪلٽي آف اينيمل هسبينڊري اينڊ ويٽرينري سائنسز ۾ ناياب نسل جي چوپائي مال بابت ڄاڻ ڏني وئي، جڏهن ته مهمانن کي ثقافتي تحفا ۽ يونيورسٽي شيلڊن سان نوازيو ويو.