پيرس -07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ۽ برازيل جون وومينز فٽبال ٽيمون پيرس اولمپڪس گيمز ۾ فائينل ۾ پهچي ويون آهن. امريڪا جي وومينز فٽبال ٽيم سيمي فائينل ۾ سخت مقابلي کانپوءِ جرمني کي شڪست ڏني، جڏهن ته برازيل جي ٽيم اسپين جي وومينز ٽيم کي شڪست ڏئي فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سون جي تمغي لاءِ ميچ 10 آگسٽ تي کيڏي ويندي.اولمپڪس جا انتهائي دلچسپ ۽ ڪانٽيدار مقابلا پيرس ۾ جاري آهن.