ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران ايندڙ سال جنوري جي آخر يا فيبروري جي شروعات ۾ پاڪستان نيشنل گيمز ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ نيشنل گيمز جي انعقاد بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اسپورٽس سيڪريٽري جلال الدين مهر، سنڌ اولمپڪس سيڪريٽري احمد علي راجپوت، محمد اصغر بلوچ ۽ شيخ شڪيل شرڪت ڪئي. جنھن ۾ سيڪريٽري اسپورٽس جلال الدين مهر ۽ ٻين صوبائي وزير کي سنڌ صوبي ۾ نيشنل گيمز منعقد ڪرائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آھي ته سنڌ حڪومت پاڪستان نيشنل گيمز جنوري جي آخر يا فيبروري جي شروعات ۾ منعقد ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي, سنڌ حڪومت ان حوالي سان تياري ڪري رهي آهي، نيشنل گيمز جو انعقاد سنڌ حڪومت لاءِ وڏي ڪاميابي ۽ اعزاز هوندو، اسان کي ان طرف فوڪس ڪرڻ جي ضرورت آهي. محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته راندين وارو کاتو ۽ سنڌ اولمپڪ ايسوسي ايشن نيشنل گيمز جي انعقاد لاءِ وينيو، ٽرانسپورٽ، مئنيجمينٽ ۽ سليڪشن ڪميٽيون جوڙينديون، نيشنل گيمز منعقد ڪرائڻ لاءِ گرانٽ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس. پاڪستان نيشنل گيمز ۾ رانديگرن جي چونڊ ميرٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي.