ڪراچي-31 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام (ڊبليو ايف پي) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشيما وچ ۾ ڊبليو ايف پي جي تعاون سان پنجن سالن جي اسٽريٽجڪ پلان تحت قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري، ريسپانس اينڊ مٽيگيشن، موسمياتي تبديلي کي اپنائڻ، شديد غذائيت ۽ واڌويجهه، اسڪولن ۾ خوراڪ ۽ ذخيري کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير صوبي ۾ انساني ۽ ترقياتي چئلينجن جي حوالي سان سنڌ حڪومت ۽ ڊبليو ايف پي جي وچ ۾ پائيدار ڀائيواري کي ساراهيو. وڏي وزير سان گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشياما وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ڊبليو ايف پي جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وڏي وزير پوسٽ ڊزاسٽر نيڊ ايسسمينٽ (PDNA) ۽ 4RF (ريزيلينٽ، ريڪوري، بحالي ۽ ري ڪنسٽرڪشن فريم ورڪ) ۾ WFP جي ڪامياب تعاون کي ساراهيو. WFP صوبي ۾ آفتن جي خاتمي جي پروگرامن ۾ پڻ شامل آهي. WFP ۽ ان جي ٻين ڀائيوارن 2023 ۾ دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ 200000 ڊالرن جو ڊزاسٽر ريسڪ اينڊ ريڊڪشن مينيجمينٽ پروگرام شروع ڪيو جنهن مان 51000 کان وڌيڪ ماڻهن کي فائدو ٿيو. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت ڊبليو ايف پي جي سهڪار سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت ڳورهاري عورتن ۽ انهن جي ٻارن کي پروگرام ۾ شامل ڪري غذائيت، صحت ۽ سماجي روين جي تبديلي سميت مختلف قدمن تي عمل ڪيو آهي. هينئر تائين 30 ضلعن ۾ 140 جامد ۽ موبائل سهولت مرڪزن ۾ 830000 کان وڌيڪ ماڻهو هن پروگرام جو حصو بڻجي چڪا آهن.. ڊبليو ايف پي ايڊلسنٽ گرلز نيوٽريشن پروگرام جي پڻ مدد ڪندو آهي ۽ سنڌ جي 8 ضلعن ۾ ڪڻڪ جي اٽي جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ صوبي ۾ اسمال اسڪيل ويٽ فورٽيفڪيشن پروگرام تحت ڪڻڪ جي اٽي جي پيداوار کي وڌايو پيو وڃي. خوراڪ ۾ واڌ بابت وڏي وزير صوبي ۾ ڪڻڪ رکڻ جي گنجائش وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته WFP، انٽرنيشنل فنانسنگ ڪارپوريشن (IFC) جي ذريعي اناج جي ذخيري کي ڪڻڪ جي ذخيري جي موثر انتظام لاءِ اسٽوريج انفراسٽرڪچر کي جديد بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت1.085 ملين ميٽرڪ ڪل صلاحيت سان ڪڻڪ جي ذخيري کي وڌائڻ ۾ صوبائي خوراڪ کاتي جي مدد ڪري رهيو آهي. اسڪولن ۾ خوراڪ پروگرام بابت ڳالهائيندي وڏي وزير WFP تي زور ڀريو ته هو اسڪولن کان ٻاهر ٻارن لاءِ هڪ پائلٽ پروگرام ٺاهي ۽ ان کي وقت بوقت وڌايو وڃي. WFP جي ڪنٽري ڊائريڪٽر صوبي ۾ اسڪولن جي خوراڪ پروگرام لاءِ سهڪار جو يقين ڏياريو. وڏي وزير کي دادو ۽ ڄامشورو ۾ گڏيل ڪميونٽي بيسڊ ڊزاسٽر ريسڪ مئنيجمينٽ (سي بي ڊي آر ايم) منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ قدرتي/ موسمي آفتن لاءِ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيندڙ گهرن جي تعمير لاءِ بجيٽ امداد جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو. وڌيڪ ته موسمياتي تبديليءَ بابت سنڌ حڪومت ۽ WFP گڏيل پروپوزل/منصوبا تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن موسمياتي فنانسنگ ڪندڙن ادارن کان وسيلن تائين رسائي حاصل ڪئي وڃي. WFP اداري بدين، سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ سنڌ ڪوسٽل رزيلينس پراجيڪٽ تحت ڪميونٽي رزيلينس جي سرگرمين ۾ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.