اسلام آباد- 31 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ جي اسٽار جوروٽ ويسٽ انڊيز خلاف شاندار سيريز جي نتيجي ۾ نيوزيلينڊ جي تجربيڪار بيٽسمين ڪين وليمسن کي پوئتي ڇڏيندي آئي سي سي مردن جي ٽيسٽ رانديگرن جي رينڪنگ ۾ نمبر ون بيٽسمين جي حيثيت سان تاج ٻيهر پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، آءِ سي سي موجب جوروٽ ڪيريبين ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ بهترين 291 رنسون ٺاهيون ۽ برمنگهم ۾ ان سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ 87 رنسون ٺاهيندي 33 سالن جي رانديگر وليمسن کي پوئتي ڌڪيندي واپس ٽاپ پوزيشن تي پهتو جيڪا هُن گذريل سال خالي ڪئي هُئي. انگلينڊ جو اڳوڻوڪپتان پهريون ڀيرو آگسٽ 2015 ۾ ٽيسٽ بيٽسمين جي ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي هُئي، وليمسن جي روٽ جي پهرين پوزيشن ماڻڻ کانپوءِ ٽيسٽ بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ ٻئين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جو بابر اعظم (ٽئين)، نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل (ٽئين)، آسٽريليا جو اسٽيو سمٿ پنجين ۽ ڀارت جو روهت شرما ڇهين نمبر تي آهن. جڏهن ته انگلينڊ جو هيري بروڪ ستين نمبر تي اچي ويو آهي. بالرن ۾ انڊيا جو رويندرا جڊيجا پهرئين نمبر تي آهي جڏهن ته ويسٽ انڊيز جو بالر جيڊن سيلز نوجوان تيز بالر جي چارٽ تي ست درجا بهتري ڪري 26 هين نمبر تي اچي ويو آهي، انگلينڊ جو اسٽوڪس (هڪ ڏاڪو مٿي ڇهين تي) ۽ ڪرس ووڪس (ٽي ڏاڪا مٿي چڙهي نائين نمبر تي) ٽي ٽوئنٽي بيٽسمينن ۾ انڊيا جو يشسوي جيسوال ڇوٿين نمبر تي، شبمن گل (16 ڏاڪا مٿي چڙهي ڪيريئر جي اعليٰ ريٽنگ حاصل ڪندي 21 هين نمبر تي، بالرن ۾ انڊيا جو اسپنر روي بشنوئي اٺين نمبر تي اچي ويو آهي، هرشديپ سنگهه (چار ڏاڪا مٿي چڙهي 19هين تي)، واشنگٽن سندر (ڇهه ڏاڪا مٿي چڙهي 40 هين) ۽ محمد سراج 47هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته آل رائونڊرز ۾ آسٽريليا جي مارڪس اسٽوئنس سريلنڪا جي هسرنگا جي جاءِ تي ٽاپ تي اچي ويو آهي، جڏهن ته سريلنڪا اسٽار ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.