ٽرينيڊاڊ- 30 جولاءِ (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ اليون ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 4 ڏينهن واري وارم اپ ڪرڪيٽ ميچ 31 جُولاءِ اربع ڏينهن کان برائن لارا اسٽيڊيم تاروباٽرينيڊاڊ ۾ شروع ٿيندي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ويسٽ انڊيز ۾ موجود آهي جتي هو پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽونٽي عالمي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 7 آگسٽ تي پهرين ٽيسٽ ميچ سان ٿيندي. جيڪا برائن لارا اسٽيڊيم تاروبا ٽرينڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ٻئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 15 کان 19 آگسٽ تائين ڪوپروويڊنس اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.