اسلام آباد- 25 آگسٽ(اي پي پي) يوم آزادي جي موقعي تي پاڪستان اسپورٽس بورڊ پهرين کان 31 آگسٽ تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ 29 راندين جا مقابلا ترتيب ڏنا آهن، ملڪ ۾ يوم آزادي جي 78هين سالگره کي جوش جذبي سان ملهائڻ لاءِ تيارين جو سلسلو جاري آهي. ان حوالي سان پي ايس بي طرفان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ عورت ۽ مرد نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندي راندين جا مقابلا ترتيب ڏنا پيا وڃن. اهي مقابلا اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، فيصل آباد، جهلم، پشاور، ايبٽ آباد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪرايا ويندا. جشن آزادي جي موقعي تي بورڊ پاران راندين جا مقابلا منعقد ڪرائڻ جو مقصد رانديگرن کي مقامي، صوبائي، قومي ۽ عالمي مقابلن لاءِ تيار ڪرڻ پڻ آهي.