برمنگهم – 25 جولاءِ (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جمعي کان ايجيسٽن برمنگهم ۾ شروع ٿيندي . ميزبان انگلينڊ کي مهمان ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي. پهرين ميچ ۾ ميزبان ٽيم انگلينڊ ويسٽ انڊيز کي آساني سان اننگز ۽ 114 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته 18 کان 22 جولاءِ تائين ٽرينٽ برج، ناٽنگهم ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 241 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جمعي 26 جُولاءِ کان 30 جولاءِ تائين برمنگهم ۾ کيڏي ويندي.