بيجنگ – 25 جولاءِ (اي پي پي) اٽلي جي وزيراعظم جيارجيا ميلوني 27 جولاءِ کان چين جو پنجن ڏينهن جو دورو ڪندي. شنهوا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ ٻڌايو ته اٽلي جي وزيراعظم پنهنجي هم منصب لي ڪيانگ جي دعوت تي 27 کان 31 جولاءِ تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندي.