اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني قونصليٽ تي حملي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪئي آهي جڏهن ته مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت جي لاءِ قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي، ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ جي لاءِ 126 ملڪن جي لاءِ آن لائين ويزا ايپلي ڪيشن سسٽم لاڳو ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني جنهن سان انهن ملڪن جا شهري 24 ڪلاڪن جي اندر بزنس ۽ ٽورسٽ ويزا حاصل ڪري سگهندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ جاري اسدرائيل جي تازي بي رحماڻي ڪاررواين جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته غزه ۽ فلسطين جي ٻين علائقن ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت هر شهري اسرائيلي ڏاڍ جو نشانو بڻجي رهيو آهي. هن چيو ته آستانه ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم ۽ شنگهائي تعاون تنظيم پلس جي ڪانفرنسز دوران فلسطين جي مظلوم عوام جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو. وزيراعظم فلسطين جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ ڪرڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن فرينڪفرٽ، جرمني ۾ پاڪستاني قونصليٽ تي ٿيندڙ حملي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي بي حرمتي جي شديد مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم دهشتگردي جي تازي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪندي انهن واقعن ۾ شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فروغ جي لاءِ 126 ملڪن جي لاءِ آن لائين ويزا ايپلي ڪيشن سسٽم لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت انهن ملڪن جا شهري 24 ڪلاڪن جي اندر بزنس ۽ ٽورسٽ ويزا حاصل ڪري سگهندا، انهن 126 ملڪن جا شهري ويزا پراسيسنگ فيس کان پڻ آجا هوندا. ان کانسواءِ ٽئين ملڪ جو پاسپورٽ رکندڙ سک ياترين جي لاءِ ويزا ان آرائيول جي سهولت لاءِ جدا سب – ڪيٽيگري جي منظوري پڻ ڏني وئي. ان حوالي سان وفاقي گهرو وزارت ۾ هڪ ڊيش بورڊ پڻ قائم ڪيو ويندو جيڪو آن لائين ويزا جي نظام جي نگراني ڪندو. وفاقي ڪابينا اسلام آباد، بلوچستان، سنڌ، لاهور ۽ پشاور جي معزز هاءِ ڪورٽس ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزارت جي سفارش تي بئنڪن جي ڪيسن جي حوالي سان خصوصي عدالتون ۽ بئنڪنگ ڪورٽس نوٽيفائي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان ايڪٽ 1997ع جي سيڪشن 37 تحت اسلام آباد هاءِ ڪورٽس جي تجويز ڪيل اسپيشل ڪورٽ (Offences in Banks) اسلام آباد، هاءِ ڪورٽ آف بلوچستان، ڪوئيٽا جي تجويز ڪيل اسپيش ڪورٽس (Offences in Banks) ڪوئيٽا، هاءِ ڪورٽ آف سنڌ، ڪراچي جي تجويز ڪيل اسپيشل ڪورٽ (Offences in Banks) ڪراچي، لاهور هاءِ ڪورٽ لاهور جي تجويز ڪيل اسپيشل ڪورٽس (Offences in Bank – I & II) لاهور، اسپيشل ڪورٽ (Offences in Banks) ملتان ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ پشاور جي تجويز ڪيل بئنڪنگ ڪورٽ 1، پشاور جوڙي ويندي. اهي خصوصي ۽ بئنڪنگ عدالتون سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن تحت ڪم ڪنديون. وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي وچ ۾ لاجسٽڪس، ٽرانسپورٽ، گرين اينڊ سسٽين ايبل گروٿ، واٽر ويسٽ مئنيجمينٽ، اربن گرين ڊيولپمينٽ، متبادل توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير جي شعبن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فروغ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مظلوم فلسطيني ڀائرن ڀينرن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي شديد لفظن ۾ مذمت جي لاءِ قرارداد جي منظوري ڏني وئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين اسرائيل جي ظالماڻي قدمن جي ڪري 39 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ معصوم ٻارن، عورتون، بزرگ، نوجوان هر عمر ۽ طبقي سان تعلق رکندڙ معصوم ۽ بينگاهه شهري شامل آهن، شهري آبادي، اسپتال، اسڪول، گڏيل قومن، ميڊيا جي آفيسرن ۽ ورڪرز، صحافي ڪو به اسرائيلي بمن، گولين ۽ قتل عام جي بنا فرق جي مهم کان محفوظ نه آهي، فلسطيني علائقا قبرستان ۽ ملبي جو ڍير بڻجي چڪا آهن، اهڙي بربريت، ڏاڍ ۽ ظلم جو مثال تازي تاريخ ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي، اسرائيل جي ظلم کي ڏسندي رڳو مذمت ڪافي نه آهي ڇو ته انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي، گڏيل قومن جي قراردادن، انساني حقن جي تنظيمن، ادارن جي مطالبن ۽ پوري دنيا جي مهذب ۽ انصاف پسند عوام جي احتجاج جي باوجود اسرائيل جو ظلم جاري آهي تنهن ڪري عالمي برادري ۽ عالمي ادارا نسل ڪشيءَ ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث رياست جي خلاف پابندين سميت قانوني، سفارتي ۽ انتظامي قدمن جي شروعات ڪري. هڪ وحشي رياست کي عالمي قانون ۽ انساني حقن جو پابند ڪري وڌيڪ بيگناهه رت وهائڻ کان روڪيو وڃي، نه ته اها باهه پوري دنيا جي امن کي تباهه ڪري ڇڏيندي. قرارداد ۾ اسرائيل جي خلاف جنگي ڏوهن جو ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. انصاف جي عالمي عدالت فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي موجودگي کي غيرقانوني ۽ فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي آبادين جي تعمير کي عالمي قانون جي خلاف ورزي قرار ڏئي چڪي آهي. انصاف جي عالمي عدالت فلسطينين کي زرتلافي ڏيڻ ۽ انهن جو نقصان ادا ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. اسلامي جمهوريه پاڪستان اسلامي ملڪن جي متحده آواز او آءِ سي تي پڻ زور ڏي ٿو ته ان ڏس ۾ متفقه ۽ متحده قدمن جي لاءِ نئين سر ڪوششون شروع ڪيون وڃن ۽ اسلامي دنيا جي متفقه حڪمت عملي جي تياري تي غور ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا 4 جولاءِ تي آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ فلسطين جي صورتحال جي حوالي سان واضح موقف بيان ڪرڻ کي ساراهيندي ان جي مڪمل تائيد ڪري ٿي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿي ته انسانيت جي خلاف ڏوهن جي ارتڪاب تي اسرائيل کي بطور رياست جوابده بڻايو وڃي ۽ بيگناهن جي قاتلن کي فوري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. پاڻ انصاف جي عالمي عدالت پڻ اسرائيل جي بي رحماڻي ڪاررواين کي فلسطينين جي نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪي آهي. عالمي برادري عزه ۾ فوري جنگبندي ۽ انساني امداد جي پهچ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وفاقي ڪابينا پاڪستان جي عوام ۽ رياست جي نمائندگي ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي، گڏيل قومن ۽ عالمي قانون موجب حقن جي فراهمي تائين هر طرح سان انهن جي مدد جاري رکندي، فلسطينين کي خوراڪ سميت ٻئي ضروري سامان جي فراهمي جي لاءِ اڳ کان وڌيڪ ڪوششون ڪيون وينديون. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن ۽ عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته والاريل خطن جي پراڻي تڪرارن جي حل لاءِ بنا دير جي قدم کنيا وڃن. القدس الشريف گادي وارو شهر ۽ 1967ع کان اڳ جون سرحدون رکندڙ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي ٻڌل ٻه رياستي حل جي لاءِ نئين سر ۽ لاڀائتيُون ڪوششون ڪيون وڃن.