اسلام آباد – 24 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازي لهر تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها پاڪستان جي خلاف هڪ منظم سازش آهي، بدقسمتي سان تحريڪ طالبان پاڪستان افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، اسان پنهنجي شهرين جي حفاظت جي لاءِ پوري طرح تيار آهيون، اسان چاهيون ٿا ته معاملا امن ۽ ڳالهه ٻولهه سان طئي ٿي وڃن، خطي ۾ امن سان ئي ترقي ۽ خوشحالي ايندي، 9 مئي تي پاڪستان جا بنياد لوڏڻ ۾ ملوث ٽولو پاڪستان جي پرامن شهرين ۽ پاڪ فوج جي خلاف آهي ۽ مختلف حربن سان نيون وارداتون ڪري رهيو آهي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳيُون نه آهن. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ انسانيت سوز ظلم ٿي رهيو آهي ۽ 40 هزار فلسطينين کي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هزارين ٻار شامل آهن، ان دل ڏکوئيندڙ ۽ بدترين ظلم جو موجود دور ۾ مثال نٿو ملي، سلامتي ڪائونسل جي منظور ٿيل قراردادن ۽ انصاف جي عالمي عدالت پاران ان عمل کي بدترين ظلم قرار ڏنو پر مجال آهي جو اسرائيلي حڪومت تي ان جو ٿورو به اثر ٿيو هجي، جڏهن ته ڪا نئين قرارداد منظور ڪئي وڃي ٿي ته اسرائيلي ظلم ايترو ئي وڌي وڃي ٿو، ان ظلم جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته آستانه ۾ ايس سي او ڪانفرنس ۾ اسرائيلي جارحيت جي معاملي کي ڀرپور انداز ۾ اٿاريو، ٻين اسلامي ملڪن به ايس سي او جي پليٽ فارم تان ان مسئلي کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته بدقسمتي سان جرمني سميت ٻين ملڪن ۾ اسان جي سفارتخانن تي حملا ڪيا ويا، اهي افسوسناڪ واقعا آهن. پرڏيهي وزير ان جو فوري نوٽيس ورتو آهي، پنهنجي سفارتخانن جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي، لاڳاپيل ملڪن جي سفيرن کي گهرائي انهن آڏو شديد احتجاج ڪرڻ گهرجي. سفارتخانن ۽ عملي جي حفاظت يقيني بڻائڻ ميزبان ملڪن جي ذميواري آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪري رهي آهي، ان حوالي سان گهرو وزارت ۽ لاڳاپيل وزارتون ۽ عملدار هڪ وڏو قدم کڻندي ويزا رجيم ۾ وڏي تبديلي آندي آهي، ان تي سڀ مبارڪباد جا مستحق آهن. ان تحت 126 ملڪن مان واپارين، ٽريلورز ۽ سياحن کان ويزا فيس نه ورتي ويندي. ان سان ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌندي. ان جي حتمي منظوري ڪابينا ڏيندي. ويزا پاليسي ۾ نرمي جي فيصلي سان پاڪستان ٻاهران ايندڙن جي لاءِ پرڪشش ماڳ بڻجندو. هن چيو ته هي هڪ وڏو فيصلو آهي ۽ ان ۾ شامل سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ان سان گڏ اليڪٽرانڪ فرم جي ذريعي 24 ڪلاڪن جي اندر ويزا ملي ويندي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هوائي اڏن تي اي گيٽس جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. گوادر سميت 9 هوائي اڏن تي ان کي جاري ڪيو ويندو. پهرين مرحلي ۾ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ اي گيٽس جاري ڪيا ويندا. هن چيو ته ان عمل سان مذهبي سياست کي فروغ ملندو ۽ پاڪستان ۾ بهترين مذهبي جايون موجود آهن، اترئين علائقن ۾ به بهترين سياحتي ماڳ آهن ۽ انهن قدمن سان اتي به سياحت کي فروغ ملندو. انهن قدمن سان معيشت مستحڪم ٿيندي. پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته اتحادي حڪومت کي معاشي چئلينجز درپيش آهن، ڪوشش ڪرڻ اسان جو فرض آهي، محنت سان ڪم ڪيو ته نتيجا حوصلي جوڳا هوندا. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ڪيو آهي، هاڻي ان جي منظوري بورڊ آف گورنرز کي ڏيڻي آهي. بجيٽ دوران دٻاءُ هو، درپيش چئلينجز جي ڏس ۾ عوام کي ريليف جي فراهمي جي حوالي سان بجيٽ ۾ وڏا فيصلا ڪيا ويا. غريب کي مهانگائي سميت ٻيا چئلينجز درپيش آهن، اسان پنهنجي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري مستحق بجلي صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني آهي. هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان اتحادي حڪومت درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سموريون ڌريون گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته مُلڪ جي حفاظت لاءِ وڏي انگ ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن، تازن ڏينهن ۾ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان سميت ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، اها پاڪستان جي خلاف هڪ منظم سازش آهي. دهشتگردي جي اها لهر افسوس جوڳي آهي، ان ۾ ڪجهه پاڙيسري ملڪن جي سرزمين استعمال ٿي رهي آهي. ان حوالي سان ان ۾ مختلف فورمز تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اسان 40 سالن کان انهن جي پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون، اهي اسان جا ڀائر آهن، اهي هتي رهن، حالتون سازگار ٿيڻ تي واپس ويندا پر مهمان نوازي جو بدلو اهو پيو ڏنو وڃي ۽ انهن جي سرزمين تان ٽي ٽي پي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي ڪري ته اهو قابل قبول نه آهي. اسان پنهنجي شهرين جي مڪمل حفاظت يقيني بڻائڻ جي لاءِ تيار آهيون. جيتوڻيڪ اسان چاهيون ٿا ته ڳالهه ٻولهه سان مسئلو حل ٿئي، اسان امن سان رهون، هن خطي ۾ امن ٿيندو ته ترقي ۽ خوشحالي ٿيندي. اسان جي نوجوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن جي قرباني کي سنهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان هر قسم جي حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي هڪ ٽولي ملڪ ۾ افراتفري مچائي هئي ۽ پاڪستان جا بنياد ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي. سڀني کي پتو آهي ته ماضي ۾ انهن پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪيو هو، وزيراعظم هائوس جي ويجهو انهن جا ٽولا آيا هئا، اڄ اهي ئي پاڪستان جي خلاف نوان حربا استعمال ڪري رهيا آهن. پاڪ فوج جي خلاف منظم پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي. آرمي چيف ۽ ان جي خاندان کي سوشل ميڊيا تي هدف بڻايو پيو وڃي، اهو ناقابل قبول آهي، هٿياربند فوج اسان جي سرحدن جي محافظ آهي، انهن پنهنجي رت سان وطن جي آبياري ڪئي آهي ۽ جان جي فڪر نه ڪندي سرحدن جي حفاظت ڪئي آهي، اهڙي ڪڌي عمل ۾ ملوث عنصرن جي خلاف گهيرو تنگ ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي مفاد جي تحفظ جي لاءِ هڪ قدم به پٺتي نه هٽنداسين.