ڪولمبو -22 جولاءِ (اي پي پي) سريلنڪا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 27 جولاءِ پالي ڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم پنهنجي سريلنڪا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 هڪ ڏينهن واريون عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 27 جولاءِ تي پهرين ميچ سان ٿيندي، ٻي ميچ ٽي ٽوئنٽي ميچ 28 جولاءِ جڏهن ته ٽين ۽ آخري 30 جولاءِ تي کيڏي ويندي. جنهن کان پوءِ ڀارتي ٽيم 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏيڻ لاءِ ڪولمبو پهچندي جنهن جي پهرين ميچ 2 آگسٽ، ٻي 4 آگسٽ جڏهن ته ٽين ۽ آخري هڪ ڏينهن واري عالمي ميچ 7 آگسٽ تي کيڏي ويندي.