بادباڊوس – 28 جون (اي پي پي) نائين آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي فائنل ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ڇنڇر تي ڪينگسٽن اوول، برج ٽائون، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي. فائنل ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق شام 7 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جي انتظام هيٺ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جاري نائين آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ڪرڪيٽ پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل آهي. ميگا ايونٽ جي چيمپيئن جو فيصلو 29 جون تي ڪينگسٽن اوول، برچ ٽائون، بارباڊوس ۾ ٿيندو. ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جون ٽيمون سڀني کان وڌيڪ ٻه ٻه ڀيرا ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جون چيمپيئن رهي چڪيون آهن. ڀارتي ٽيم ان کان اڳ 2007 ۾ هڪ ڀيرو ٽي ٽوئنٽي جي چيمپيئن رهي چڪي آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم هن وقت تائين ورلڊڪپ ناهي کٽي سگهي. ان کان علاوه پاڪستان، سريلنڪا ۽ آسٽريليا جون ٽيمون هڪ هڪ ڀيرو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي چڪيون آهن.