پيرس-28 جون (اي پي پي) پيرس اولپمڪس گيمز 26 جولاءِ کان پيرس جي گادي واري شهر فرانس ۾ شروع ٿينديون جيڪي 11 آگسٽ تائين جاري رهنديون، پيرس اولمپڪس گيمز جو ڪائونٽ ڊائون جاري آهي،راندين جي وڏي ميلي جي سجڻ ۾ باقي 28 ڏينهن باقي بچيا آهن، فرانس پنهنجي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو دنيا جو سڀ کان وڏو راندين جو ايونٽ ڪامياب بڻائڻ لاءِ تيارين ۾ مصروف آهي.جيڪي آخري مرحلي ۾ آهن، پيرس اولمپڪس ۾ 32 راندين جا 329 ايونٽ منعقد ٿيندا جن ۾ سڄي دنيا مان 10 هزار اٿليٽس شرڪت ڪندا.واضع رهي ته پيرس اولمپڪس 2024 لاءِ هن وقت تائين لکن جي تعداد ۾ ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن.