جميڪا -25 جون (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ جاري نائون آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊڪپ آخري مرحلي ڏانهن وڌي رهيو آهي، جيڪو سيمي فائينل مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. مردن جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جون ٻئي سيمي فائينل ميچز 27 جون تي کيڏيون وينديون. ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل لائين اپ مڪمل ٿي چڪي آهي، ڏکڻ آفريقا، افغانستان دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ ڀارت جون ٽيمون سيمي فائنل ۾ پهچي چڪيون آهن. ٽورنامينٽ جي پهرين سيمي فائنل ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ 27 جون تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروبا، ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏيو ويندو. ميگا ايونٽ جي 27 جون تي ئي ٻيو سيمي فائنل ميچ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ پراويڊنس اسٽيڊيم گيانا ۾ کيڏيو ويندو. ميگا ايونٽ جو فائنل ميچ 29 جون تي ڪينسنگٽن اوول، برج ٽائون باربادڊوس ۾ کيڏيو ويندو.