اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته تعليم جو فروغ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تعليم جي شعبي ۾ حڪومت جي سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿو، ملڪ ۾ نوجوانن جي هڪ وڏي انگ جي چئلينج کي موقعن ۾ تبديل ڪيو ويندو، ملڪ جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ قابل شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا پيا وڃن، دانش اسڪولز جو دائرو اسلام آباد، گلگت بتلستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي گهٽ ترقي يافته علائقن تائين ڦهلايو پيو وڃي، گوگل جي پاڪستان ۾ ڪروم بڪ ٺاهڻ جو پلانٽ لڳائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪيوين ڪيلز جي سربراهي ۾ گوگل فار ايجوڪيشن جي اعليٰ سطح جي وفد ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ گوگل فار ايجوڪيشن جي 9 ملڪن جا نمائندا شامل هئا. وفد جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته تعليم جو فروغ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته تعليمي ايمرجنسي هڻڻ تعليم جي شعبي ۾ حڪومتي جي سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ نوجوانن جو هڪ وڏو انگ هڪ چئلينج ضرور آهي تنهن هوندي به ان چئلينج مان موقعا ڳوليا ويندا. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ملڪ ۾ نوجوانن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ملڪ جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ قابل شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا پيا وڃن، ان حوالي سان بجيٽ ۾ رقم رکي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته دانش اسڪولز جو دائرو اسلام آباد، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي گهٽ ترقي يافته علائقن تائين ڦهلايو پيو وڃي. وزيراعظم گوگل جي پاڪستان ۾ ڪروم بڪ ٺاهڻ جي پلانٽ لڳائڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تعليم جي فروغ جي لاءِ گوگل فار ايجوڪيشن ۽ وفاقي تعليم واري وزارت جي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحن کي ساراهيو. وزيراعظم گوگل فار ايجوڪيشن کي پاڪستان حڪومت سان تعاون جو دائرو وڌائڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم وفد کي آگاهه ڪيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ملڪ ۾ نوجوانن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم کي گوگل فار ايجوڪيشن جي پاڪستان ۾ تعليم ۽ تربيت جي واڌويجهه جي لاءِ قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گوگل فار ايجوڪيشن، ڊيجيٽل سيفٽي خاص طور تي ٻارن جي لاءِ ڊيجيٽل سيفٽي پروگرام ”ڊيجيٽل سفر“ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، گوگل فار ايجوڪيشن ۽ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام گڏجي ڳوٺاڻي علائقن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز ۽ تحفظ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، بلوچستان فرسٽ ۽ گلگت بلتستان فرسٽ پروگرامز تحت ڊيجيٽل اسڪلز ۽ تحفظ جي حوالي سان هزارين نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته مصنوعي ذهانت جي مدد سان اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ ۾ گهٽتائي آندي ويندي، گوگل فار ايجوڪيشن پاڪستان جي اهم قومي زبانن ۾ مصنوعي ذهانت جي تربيت فراهم ڪندو، گوگل فار ايجوڪيشن جي اسلام آباد جي تعمير هيٺ دانش اسڪول کي گوگل سينٽر فار ايڪسي لينس ٺاهڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گوگل فار ايجوڪيشن پنجاب حڪومت سان گڏجي استادن جي لاءِ تربيتي پروگرامز جوڙيا، گذريل سال گوگل فار ايجوڪيشن پاڪستان ۾ 45 هزار سرٽيفڪيٽس ڏنا. ملاقات ۾ وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.