گوادر – 20 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ، بلوچستان ۾ اهل آفيسر مقرر ڪرڻ ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد عنصرن جو موثر مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پراسيڪيوشن مڪينزم کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي، امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي، ايم اين اي ملڪ شاهه گورگيج، صوبائي گهرو وزير مير ضيآءَ لانگو، ايم پي اي مولانا هدايت الرحمان سميت اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻي پوندي، بلوچستان ۾ قابل پوليس آفيسر مقرر ڪرڻا پوندا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جو موثر مقابلو ڪرڻ جي لاءِ استغاثي جو طريقيڪار بهتر بڻائڻو پوندو. اجلاس ۾ صدر کي صوبي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪرڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار بابت پڻ ٻڌايو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي حڪومت بلوچستان ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قدمن جي نتيجي ۾ صوبي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، صوبائي حڪومت چيني ۽ غيرملڪي شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. صدر صوبائي حڪومت جي ڪوششن، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ادارن جي قربانين کي ساراهيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرد عنصرن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ پراسيڪيوشن جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن جي پونئيرن جي معاوضي ۾ اضافو ڪري باقي صوبن جي برابر آندو وڃي، بلوچستان ۾ قابل ۽ بهادر پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته قابل آفيسر صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. صدر آصف علي زرداري چيو ته زائرين جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي هنر سيکارڻ جي ضرورت آهي، وڌيڪ تربيت يافته انساني وسيلن جي تياري جي لاءِ تربيتي ادارن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو وڃي، افرادي قوت کي غيرملڪي زبانون سيکارڻ سان انهن کي ٻاهرئين ملڪن ۾ نوڪريون ڳولڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته بلوچستان ۾ ماهيگيري جي پائيدار طريقي کي فروغ ڏيڻو پوندو، بلوچستان ۾ ماهيگيري جي صنعت جي فروغ جي لاءِ ماهيگيرن کي سرمايو ۽ اوزار فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، غيرقانوني ماهيگيري جي ڄارن جي تياري روڪڻي پوندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سياسي ڳالهه ٻولهه سان بلوچستان ۾ خوشحالي، ترقي ۽ امن ايندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير گوادر جو دورو ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته صدر جي دوري سان بلوچستان جي عوام کي پنهنجائپ جو احساس ملندو. وڏي وزير چيو ته پوليس ۽ ليويز جي صلاحيت ۾ اضافو صوبائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سرحدي علائقي جي ماڻهن کي روزگار ڳولڻ ۾ مدد جي لاءِ قابل قدر مهارتن سان ليس ڪرڻو پوندو. مير سرفراز بگٽي چيو ته سمورين ڌرين کي بلوچستان جي ترقي جي لاءِ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻو پوندو، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ صوبي جون غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪڇي ڪينال منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو.