فلوريڊا-14 جون (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آءِ سي سي مينز ٽي -20 ورلڊ ڪپ ۾ ڇنڇر ڏينهن وڌيڪ چار ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ گروپ ڊي جون ٽيمون ڏکڻ آفريقا ۽ نيپال وچ ۾ آرنوس ويل گرانڊ ڪنگس ٽان سينٽ ونسنٽ ۾ کيڏي ويندي، ٻئي ميچ ۾ گروپ سي جي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ يوگنڊا وچ ۾ مقابلو ٿيندو. هي ورلڊ ڪپ جي 32 هين ميچ هوندي، جيڪا برائن لارا اسٽيڊيم تاروبا ٽرينڊا ۾ کيڏي ويندي. ٽئين ميچ ۾ گروپ اي جون ٽيمون ڀارت ۽ ڪينيڊا وچ ۾ سينٽرل بروورڊ ريجنل پارڪ اسٽيڊيم ٽرف گرائونڊ لاڊر هل فلوريڊا ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ميچ گروپ بي جون ٽيمون نميبيا ۽ دفاعي چئمپئن انگلينڊ وچ ۾ سرويوين رچرڊ اسٽيڊيم نارٿ سانڊ انٽيگا ۾ کيڏي ويندي، محدود اوورن جي فارميٽ جي نائين ميگا ايونٽ جا دلچسپ مقابلا ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ جاري آهن. ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن. ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائنل ميچ 26 جون، ٻيو سيمي فائنل 27 جون جڏهن ته فائنل ميچ 29 جون تي بار باڊوس ۾ کيڏي ويندي.