رياض – 11 جون (اي پي پي) سعودي حج وزارت چيو آهي ته ويڪسينيشن جي بغير ايندڙ حج پانڌيئڙن جا حج پرمٽ رد ڪيا ويندا. العربيه اردو مطابق سعودي وزارت حج پانڌيئڙن تي زور ڏنو آهي ته هو پهرين کان تجويز ڪيل ويڪسينيشن ضرور لڳرائين ٻي صورت انهن جا حج پرمٽ يا حج ويزا رد ڪيا ويندا. سعودي حج واري وزير ڊاڪٽر توفيق بن فوزان الربيعه مطابق هاڻي تائين 12 لک حج پانڌيئڙا مڪي پهچي چڪا آهن ۽ هاڻي به حج پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. هلندڙ سال 14 جون کان مناسڪ حج جي شروعات ٿي رهي آهي.