گيانا – 08 جون (اي پي پي) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان نيوزي لينڊ کي 84 رنسن کان شڪست ڏئي مسلسل ٻي فتح پنهنجي نالي ڪري ورتي، رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ نيوزي لينڊ جي سڄي ٽيم 75 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. فضل حق فاروقي ۽ راشد خان 4،4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، افغان بيٽمين رحمان الله گرباز کي 80 رنسن جي اننگز کيڏڻ تي مرد ميان قرار ڏنو ويو، پروويڊنس اسٽيڊيم، گيانا ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي 14هين ميچ ۾ نيوزي لينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کڻي پهرين فيڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو، افغان اوپنرز 103 رنسن جي شاندار شروعات ڪئي ۽ ٽيم مقرره 20 اوورز ۾ 6 وڪٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهيو، رحمان الله گرباز جارحانه بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 56 بالن تي 80 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 5 ڇڪا ۽ 5 چوڪا شامل هئا. ٻين ٻيٽمين ۾ ابراهيم زدران 44 ۽ عظمت الله عمرزئي 22 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ڪپتان راشد خان 6 جڏهن ته محمد نبي ۽ گلبدين نائب بغير ڪو رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو. افغانستان طرفان فضل حق فاروقي ۽ راشد خان عمده بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 4،4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، افغانستان جي گروپ سي ۾ مسلسل ٻي ڪاميابي آهي، اهڙي طرح هو 4 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي.