08 جون (اي پي پي) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڏو مقابلو (اڄ) آچر ڏينهن ٿيندو. ڪرڪيٽ جي دنيا جون 2 وڏيون ٽيمون پاڪستاني وقت مطابق شام ساڍي 7 وڳي ناسا ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم نيويارڪ ۾ مهاڏو اٽڪائينديون. سڄي دنيا جا شائقين ڪرڪيٽ جي ان اهم ميچ جو انتظار ڪري رهيا آهن. پاڪستاني ٽيم ڪپتان بابر اعظم جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ٻين نمايان رانديگرن ۾ شاهين شاهه آفريدي، محمد رضوان، محمد عامر، حارث رئوف، نسيم شاهه، افتخار احمد، شاداب خان ۽ عماد وسيم شامل آهن. پهرين مئچ ۾ آمريڪا هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستان لاءِ هيءَ ميچ تمام اهميت رکي ٿي. شڪست جي صورت ۾ پاڪستاني ٽيم لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. ڀارتي ٽيم جي قيادت روهت شرما ڪري رهيو آهي ۽ ان سان گڏ ويرات ڪوهلي، راوندرا جديجه، جسپريت بمرا، هارديڪ پانڊيا، رشڀ پنت ۽ محمد سراج جهڙا تجربيڪار رانديگر ميدان ۾ لهندا.