ڊيلاس – 08 جون (اي پي پي) آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديش پنهنجي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا کي دلچسپ مقابلي بعد 2 ڪٽن سان شڪست ڏئي ڇڏي. فاتح ٽيم 125 رنسن جو حدف 19 اوورز ۾ 8 وڪٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. توحيد هردوئي 40 ۽ لٽن داس 36 رنسون ٺاهيو، رشاد حسين کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. هن 3 وڪٽون حاصل ڪيون، گرينڊپر يري اسٽڊيم، ڊيلاس ۾ کيڏيل ٽورنامنٽ جي 15هين ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان نجم الحسن شانتو ٽاس کڻي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، سريلنڪا پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورز ۾ 9 وڪٽن جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهيون، پٿم نسانڪا 28 بالن تي 47 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو. دهننجايا ڊي سلوا 21، چاريٿ اسلانڪا 19، اينجيلو ميٿيوز 16، ڪوسال مينڊس 10، ڪمندو مينڊس 4، ڊاسن شناڪا 3 جڏهن ڪپتان ونندو هاسارنگا ۽ مهيش ٿيڪشنا بغير ڪو رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا، بنگلاديش طرفان مستفيض الرحمان ۽ رشاد حسين شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 3،3 وڪٽون حاصل ڪيون، تسڪين احمد 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جواب ۾ بنگلاديش گهربل هدف 19 اوورز ۾ 8 وڪٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، واضح رهي ته گروپ ڊي ۾ سريلنڪن ٽيم کي مسلسل ٻي شڪست جو سامهون ڪرڻو پيو، پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا 6 وڪٽن کان شڪست ڏني هئي.