باربا ڊوس _ 3 جون (اي پي پي ) نميبيا جي ٽيم اومان کي سخت مقابلي بعد نائين آئي سي سي ٽي- 20 ورلڊ ڪپ 2024 ع جي ٽئين ميچ ۾ سپر اوور ۾ 11 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي . ٽي- 20 ورلڊ ڪپ جي ٽئين ميچ ۾ اومان ۽ نميبيا جي ميچ برابر ٿي وئي جنهن بعد فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو . نميبيا جي ڊيوڊ ويز کي شاندار ڪارڪردگي تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو . سومر ڏينهن ڪينسنگٽن اوول، برج ٽائون بار باڊوس ۾ کيڏيل ٽي – 20 ورلڊ ڪپ جي ٽئين ميچ ۾ نميبيا جي ڪپتان گير هارڊ ايراسمس ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. اومان جي شروعات ڪجهه خاص نه رهي جو اننگز جي پهرين ئي بال تي اومان جو اوپنر بيٽسمين ڪيشپ پرجاپتي پهرين بال تي آئوٽ ٿي ويو. جڏهن ته ٽرمپلين جي پهرين اوور جي ٻئي بال تي اومان جو ڪپتان عاقب الياس به پنهنجي وڪيٽ ڪيرائي ۽ کاتو کولڻ بنا پولين واپس موٽي ويو، اومان طرفان خالد ڪيل 39 بالن تي 34 رنسن سان نمايان رهيو. ان کانسواءِ ذيشيان مقصود 22، ايان خان 15 رنسون ٺاهيون ۽ ٻيا بيٽسمين ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيا. اومان جي سڄي ٽيم 19.4 اوورن ۾ 109 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، اهڙي ريت نميبيا کي ميچ کٽڻ لاءِ 110 رنسن جو هدف مليو. نميبيا طرفان ٽرمپلين چار، ڊيوڊ ويز 3 جڏهن ته ڪپتان گير هارڊ ايراسمس 2 ۽ برنارڊ شولز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ اومان خلاف نميبيا جي ٽيم به مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 109 رنسون ٺاهيون ۽ ميچ جو نتيجو سپر اوور ڏانهن هليو ويو. نميبيا جي جين فريلنڪ 45 ۽ نيڪولس ڊيون 24 رنسون ٺاهيون، اومان طرفان مهران خان ٽي رانديگر آئوٽ ڪيا، نميبيا سپر اوور ۾ اومان کي 22 رنسن جو هدف ڏنو، اومان جي ٽيم هدف پٺيان لڳندي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 10 رنسون ٺاهيون، اهڙي ريت نميبيا جي ٽيم سپر اوور ۾ 11 رنسن تان ميچ کٽي ورتي.