لنڊن-20 مئي (اي پي پي)پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 4 ٽي – 20 انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 22 مئي تي کيڏي ويندي. پاڪستان جي ٽيم اڄڪلهه انگلينڊ ۾ موجود آهي جتي اها ميزبان برطانوي ٽيم خلاف 4 ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي . پاڪستاني ٽيم جي بابر اعظم قيادت ڪندي ميدان ۾ لهندو جڏهن ته انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ 4 ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 25 مئي تي برمنگهم، ٽئين ميچ 28 مئي تي ڪارڊف ۽ جڏهن ته چوٿين ۽ آخري ٽي – ٽونٽي ميچ 30 مئي تي لنڊن م کيڏي ويندي .