ڊبلن -13 مئي (اي پي پي ) آئرلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌ’ل سيريز جي ٽي ۽ فيصلي جوڳي ميچ اڱاري واري ڏينهن ڪلو نٽرف ڪرڪٽ ڪلب گرائونڊ ڊبلن ۾ کيڏي ويندي .ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي ميزبان آئرلينڊ جي ٽيم پهرين ميچ ۾ گرين شرٽس کي 5 وڪيٽن تان هارايو هو جڏهن ته ٻي ٽي ٽونٽي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جاندار ڪم بيڪ ڪندي ميزبان آئرلينڊ جي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارائي سيريز به هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي پاڪستاني بيٽسمين بابر اعظم جي قيادت هيٺ ميدان ۾ ايندي اسڪواڊ ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ فخر زمان ، صائم ايوب ، افتخار احمد، عرفان خان ، آغا سلمان ، عماد وسيم ، شاداب خان ، اعظم خان ، محمد رضوان ، عثمان خان ، ابرار احمد ، حارث رئوف ، حسن علي، عباس آفريدي ، محمد عامر ، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي شامل آهن .