ميڊرڊ -03 مئي (اي پي پي ) ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جي مينز سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي وئي آهي آندري آندري روبلوف ، ٽيلر فريٽز ، جيري لاهيچڪا ۽ فيلڪس اوجرالياسائم ٽورنامنٽ جي سيمي فائنل رائونڊ م پهچي ويو آهي. اي ٽي پي اهتمام هيٺ ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جا دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ مڙدن جا سنگل مقابلن جي سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي وئي آهي مينز سنگل سيمي فائنل رائونڊ ۾ روسي مشهور ٽينس اسٽار آندري روبلوف جو مقابلو جمهوريا چيڪ جي جيري لاهيچڪا سان ٿيندو آمريڪا جي ٽينس رانديگر ٽيلر فريٽز جو مقابلو ڪينيدا جي ٽينس رانديگر فيلڪس اوجرالياسائم سان ٿيندو .