اسلام آباد -25 اپريل (اي پي پي ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ اڄ ڪراچي ۾ کيڏي ويندي،ان کان اڳ مهمان ويسٽ انڊيز ٽيم ٽن ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ميزبان پاڪستان کي ڪلين سوئيپ ڪري چڪي آهي. ويسٽ انڊيز وومين ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم کي 113 رنسن ، ٻي ميچ ۾ 2 وڪيٽن جڏهن ته ٽئين ميچ ۾ 88 رنسن تان هارايو هيو. ويسٽ انڊيز جي وومين ٽيم اڄڪلهه پاڪستان جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان پاڪستاني وومينز ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي چڪي آهي جڏهن ته پنجن ٽي -ٽوئنٽي ميچن جي سيريز باقي آهي . پاڪستاني ٽيم جي ندا ڊار اڳواڻي ڪندي. پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جمعي کان شروع ٿيندي .