ڪولمبو _16 جولاءِ (اي پي پي ) اريلنڪا ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي 20 عالمي ميچن تي ٻڌل سريز جي پهرين ميچ (اڄ ) ڇنڇر ڏينهن تي رنگيري دمبولا انٽر نيشنل اسٽيڊيم ، دمبولا ۾ کيڏي ويندي . ان کان اڳ ٻنهن ٽيمن وچ ۾ کيڏيل واحد ٽيسٽ ميچ آئي لينڊرز 10 وڪيٽن تان کٽي ورتي هئي . جنهن بعد ٽن هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي وئي جنهن ۾ ميزبان آئي لينڊرز افغانستان ٽيم کي 3-0 تان وائٽ واش ڪيو هو .