گڏيل قومون-16 فيبروري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ڪيوبا سان سفارتي لڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،رائٽرز موجب گڏيل قومن ۾ ڏکڻ ڪوريا جي مستقل نمائندي يهوان جون ڪوڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن ۾ ٻنهي ملڪن جي مستقل نمائندن 14 فيبروري تي آمريڪا ۾ ملاقات ڪئي ۽ سفارتي لڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ باضابطا لڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي اصولن موجب ڪيو ويو آهي،ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ڪيوبا سان لڳاپن جو قيام مرڪزي ۽ ڏکڻ آمريڪا سان سفارتڪاري کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوششن ۾ اهم موڙ ثابت ٿيندو ۽ اسان جي ملڪ جي سفارتي دائره ڪار کي وڌيڪ توسيع ڏيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي حڪومت ڪيوبا جي حڪومت سان گڏجي گڏيل سفارتي مشن جي قيام سميت ٻين قدمن لاءِ سهڪار ڪندي. واضع ريه ته ڪيوبا 1994 ۾ ڏکڻ ڪوريا کي تسليم ڪيو هو جڏهن ته 1959 جي ڪيوبا انقلاب کان پوءِ ٻه طرفا لا ڳاپا ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا هئا.