ميلبورن- 02 فيبروري (اي پي پي) آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور بالرز لانس مورس ۽ زيويئر بارٽليٽ ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي هڪ ڏينهن واري عالمي قومي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن ٻنهي رانديگرن ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ (ايم سي جي) ۾ ويسٽ انڊيز خلاف جاري ٽن هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز جي شروعاتي ميچ ۾ شرڪت ڪري اهو اعزاز حاصل ڪيو. لارنس مورس ۽ يويئر بارٽليٽ ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ون ڊي ميچ آسٽريليا جي طرفان بالنگ اٽيڪ ڪيو، لارنس مورس ون ڊي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ 244 هين جڏهن ته زيويئر بارٽليٽ ون ڊي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ 255 هين آسٽريلوي رانديگر بڻجي ويا آهن.