بيونس آئرس _ 31 جنوري (اي پي پي ) ايسو سي ايشن آف ٽينس پروفيشنلز (اي ٽي پي ) ٽور جي اهتمام هيٺ اي ٽي پي ڪورڊوبا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو ڇهون ايڊيشن 3 فيبروري کان ارجنٽائن جي مرڪزي شهر ڪورڊوبا ۾ شروع ٿيندو . ٽورنامينٽ جي منعقد ڪرڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن .ٽورنامينٽ ۾ مينز سنگلز ، مينز ڊبلز مقابلن ۾ رانديگر ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلا ڪندا .