اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) ايندڙ سال جي قومي ترقياتي بجيٽ ۾ ٺوس ترقياتي نتيجن تي ٻڌل منصوبا، انضمام ٿيل ضلعن ۽ 20 پٺتي پيل ضلعن جا ترقياتي منصوبا شامل ڪرڻ، وزيراعظم جي نوجوانن جي ترقي بابت پروگرام جي فنڊنگ جاري رکڻ ۽ 13 هين پنج سالا ترقياتي منصوبي جي ترجيحي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي منطوري ڏيندي حتمي منصوبو پيش ڪرڻ، موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، سميع سعيد، شاهد اشرف تارڙ، نگران وڏن وزيرن جسٽس (ر) مقبول باقر، جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه، سردار علي مردان ڊومڪي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي مجموعي اقتصادي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ٽيڪس جو پئسو عوام جو پئسو آهي، تنهن ڪري سمورن ترقياتي منصوبن جو محور عوامي ڀلائي هجڻ گهرجي، قومي نوعيت جي وڏن ترقياتي منصوبن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪري انهن جي مقرر مدي ۾ تڪميل يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته مواصلاتي بنيادي ڍانچي جي ترقي، پن بجلي ۽ پاڻي ذخيرن جي ترقي، زراعت، صنعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ افرادي قوت خاص طور تي نوجوانن جي ترقي کي ترقياتي بجيٽ ۾ خصوصي اهميت ڏني وڃي. هن چيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل ملڪ ۾ معاشي فيصلاسازي جي لاءِ صوبن ۽ وفاق تي ٻڌل سڀ کان وڏو آئيني ادارو آهي، وفاقي حڪومت ترقياتي منصوبن جي حوالي سان فيصلاسازي ۾ صوبن جي مشاورت کي اهميت ڏي ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته خوش آئنده ڳالهه آهي ته نگران حڪومت جي مختصر دور ۾ ملڪي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ خاطرخواهه ڪاميابي حاصل ٿي، بيشمار معاشي چئلينجز جي باوجود عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري ئي ملڪي ترقي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. اجلاس ۾ 6 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ قومي ترقياتي بجيٽ مالي سال 25 – 2024ع جي لاءِ ترجيحون ۽ رهنما اصول منظوري جي لاءِ پيش ڪيا ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نئين رهنما اصولن موجب قومي نوعيت جا اهڙا ترقياتي منصوبا جن تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي انهن جي تڪميل جي لاءِ بجيٽ ۾ رقم ترجيحي بنيادن تي رکي ويندي ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ قومي نوعيت جي نئين منصوبن جي لاءِ رڳو 10 سيڪڙو رقم رکي ويندي. قومي اقتصادي ڪائونسل هدايت ڪئي ته نئين منصوبن کي ترقياتي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ وقت اهو تعين ڪيو وڃي ته رڳو اهڙا نوان منصوبا ترقياتي بجيٽ جو حصو هجن جيڪي ٺوس ترقياتي نتيجن تي ٻڌل هجن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي قومي ترقياتي بجيٽ ۾ صوبائي نوعيت جي منصوبن جي شموليت بدران رڳو نئين انضمام ٿيل ضلعن (اڳوڻي فاٽا) ۽ 20 پٺتي پيل ضلعن جا ترقياتي منصوبا وفاقي ترقياتي بجيٽ جو حصو هوندا. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پٺتي پيل ضلعن جي فهرست جوڙڻ جي لاءِ مقرر ڪيل معيار جو نئين سر جائزو وٺي ان کي بهتر ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ جي سمورن پٺتي پيل ضلعن جي ان فهرست ۾ شموليت يقيني ٿئي. قومي اقتصادي ڪائونسل اها به هدايت ڪئي ته نئين انضمام ٿيل ضلعن ۽ پٺتي پيل ضلعن جي ترقي جي هدفن کي ترجيحي بنياد تي پورو ڪيو وڃي ۽ اتان جي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي سان انهن جي معاشي ترقي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ وفاقي پي ايس ڊي پي (24 – 2023ع) تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان اجلاس کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جون سفارسون پيش ڪيون ويون. ڪائونسل ايپڪس ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته وزيراعظم جي نوجوانن جي ترقياتي بابت پروگرام خاص طور تي اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام ۽ يوٿ اينڊومنٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽڊ اسٽوڊنٽس کي قومي ترقياتي بجيٽ ۾ ڀرپور طريقي سان جاري رکيو وڃي ۽ ان ڳالهه جي لاءِ فنڊنگ يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ ڪائونسل کي 13 هين پنج سالا ترقياتي منصوبن جي ترجيحن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 13 هين پنج سالا ترقياتي پلان تحت سڄي ملڪ ۾ مختلف علائقن جي ترقي، ماحول ۽ موسمياتي تبديلي، سياحت، زراعت، صنعت، توانائي، گورننس، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وچولي سطح جي ڪاروبار کي سهولت، گورننس جي طريقيڪار جي بهتري ۽ سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۽ سروس ڊيليوري جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي لاءِ قدمن ڀرپور ڌيان ڏنو ويندو. ڪائونسل 13 هين پنج سالا ترقياتي منصوبي ۾ انهن شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي منظوري ڏيندي اها هدايت ڪئي ته ان مسودي کي حتمي شڪل ڏئي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. اجلاس کي عالمي مالياتي اداري جي حصيداري سان پبلڪ انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ ايسسمنٽ (پي آئي ايم اي) ۽ ڪلائميٽ پي آئي ايم اي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي رپورٽ جي ڏس ۾ جوڙيل سفارشن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. ڪائونسل حڪمت عملي جي منظوري ڏيندي موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان بچاءُ ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي کي جديد ۽ عالمي رخن تي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. قومي اقتصادي ڪائونسل هلندڙ مالي سال ۾ ترقياتي انگن اکرن جو پڻ جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال ۾ معاشي ترقي جي سالياني واڌويجهه جي شرح جي 3.5 سيڪڙو هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پهرين ٽه ماهي ۾ مجموعي معاشي واڌويجهه جي شرح 2.1 سيڪڙو رهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته نگران حڪومت جي معاشي بحالي جي ٺوس قدمن جي ڪري ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن (جولاءِ کان ڊسمبر 2023ع) ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) پنهنجي هدف کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪيو جڏهن ته غيرملڪي ڪرنسي جي غيرقانوني ڪاروبار ۽ اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جي ڪري رپئي جي قدر مستحڪم ٿي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين پاران پرڏيهي ناڻي ۾ پڻ اضافو ٿيو. ڪائونسل معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي پائيدار ترقي جي هدفن (ايس ڊي جيز) جي لاءِ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ذيلي ڪميٽي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. ڪائونسل هدايت ڪئي ته رڳو اهڙن منصوبن جي اڳتي قومي ترقياتي بجيٽ ۾ شموليت يقيني بڻائي وڃي جن تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ڪلائميٽ فنانس تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. ان کانسواءِ ڪائونسل پوري ملڪ ۾ عوامي ڀلائي ۽ معاشي ترقي جي صحيح منظرنامي جي لاءِ سمورن صوبن ۽ وفاق جي تعاون سان هڪ ملٽيپل انڊيڪيٽر ڪلسٽر سروي (ايم آءِ سي ايس) منعقد ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.