اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل پيٽروليم پاليسي 2012ع ۾ ضروري ترميمن، تيل ۽ گئس جي ذخيري جي ليز کي ان ذخيري جي معاشي عمر پوري ٿيڻ تائين قابل عمل رکڻ، ٽائيٽ گئس ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسي 2024ع جي مسودي ۽ قدرتي گئس جي ٿرڊ پارٽي کي ڪمرشل بنيادن تي وڪرو ڪرڻ جي شرح کي 35 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو 51 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن پاران پيٽروليم پاليسي 2012ع ۾ ترميمون منظوري جي لاءِ پيش ڪيون ويون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ 85 سيڪڙو ڪچي تيل ۽ 25 سيڪڙو گئس درآمد ڪئي وڃي ٿي جنهن تي قيمتي پرڏيهي ناڻو خرچ ٿئي ٿو جيڪو قومي ناڻي تي وڏو بار آهي. وڌيڪ اهو ته تيل ۽ گئس جي موجوده ذخيرن ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي رهي اهي، نئين ذخيرن جي ڳولا جي حوالي سان پيٽروليم ڊويزن پيٽروليم پاليسي 2012ع ۾ ضروري ترميمون پيش ڪيون. گڏيل مفادن واري ڪائونسل پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي منظوري ڏني ته پيٽروليم ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن ڪمپنيز جي پراڻي يا موجوده لائينسسز ۽ ليزز تيل ۽ گئس جي نئين ذخيرن جي ڳولا جي لاءِ قابل استعمال هونديون. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ان فيصلي سان گئس جي نئين ذخيرن جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ٿيندي، انهن ترميمن تحت پيٽرول گئس ايڪسپلوريشن ڪمپنين کي اهو اختيار حاصل هوندو ته اهي پنهنجي موجوده پراڻي لائيسنسز تي ئي تيل ۽ گئس جا نوان ذخيرا ڳولڻ جي حوالي سان پيٽروليم پاليسي 2012ع تحت ڪم ڪري سگهنديون. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ان فيصلي سان اڳ کان موجود ڪمپنين کي گئس جا نوان ذخيرا ڳولڻ جي ترغيب ملندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي پيٽروليم زون ايف ون ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين جي لاءِ بهتر ويل هيڊ قيمتن جي منظوري ڏئي ڇڏي. زون ايف ون ۾ خيبرپختونخواهه صوبي جا ڏکڻ سرحدي ۽ بلوچستان جا اولهندي سرحدي علائقا شامل آهن جتي ڏکئي رستن ۽ سهولتن جي کوٽ جي ڪري تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا هڪ مشڪل ۽ مهانگو عمل آهي. پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ليز کي ان ذخيري جي معاشي عمر پوري ٿيڻ تائين قابل عمل رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. گڏيل مفاد واري ڪائونسل ٽائيٽ گئس ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن پاليسي 2024ع جي مسودي جي پڻ منظوري ڏني، ان پاليسي ۾ ٽائيٽ گئس جي قيمتن، انهن کي حاصل ڪرڻ جي فروغ جي لاءِ ترغيب ۽ انهن جي استعمال جي حوالي سان ريگيوليٽري فريم ورڪ جي حوالي سان تفصيل موجود آهن. ٽائيٽ گئس مان مراد قدرتي گئس جا اهي ذخيرا آهن جتان عام طريقن سان گئس نه ٿي ڪڍي سگهجي ۽ جتي گئس جي کوهن جي کوٽائي جي لاءِ معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هائيڊرولڪ دٻاءُ ۽ مهانگي ساز ۽ سامان ۽ ٽيڪنالاجي جي ضرورت هوندي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هڪ اندازي موجب ملڪ ۾ اٽڪل 35 ٽريلين مڪعب فٽ کان وڌيڪ ٽائيٽ گئس جا ذخيرا موجود آهن. پيٽروليم ڊويزن جي سفارش تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل قدرتي گئس جي ٿرڊ پارٽي کي ڪمرشل بنيادن تي وڪرو جي شرح کي 10 سيڪڙو مان وڌائي 35 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن سان گئس جا گردشي قرض گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ ناڻي، نجڪاري، قانون ۽ انصاف، توانائي وارن نگران وفاقي وزيرن، چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.