جوهانسبرگ _ 23 جنوري (اي پي پي ) آئي سي سي انڊر – 19 ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ (اڄ ) اربع ڏينهن وڌيڪ ٽن ميچن جو فيصلو ٿيندو . پهرين ميچ ۾ سريلنڪا ۽ نميبيا ، ٻي ميچ ويسٽ انڊيز ۽ اسڪاٽ لينڊ جي انڊر 19 ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي . جڏهن ته ٽئين ميچ ۾ پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون . انڊر 19 ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا ڏکڻ آفريقا ۾ جاري آهن .