ڪرائسٽ چرچ_17 جنوري (اي پي پي ) نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنج عالمي ٽي ٽونٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ 19 جنوري تي هيگلي اوول ، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي . ميزبان نيوزيلينڊ کي پاڪستان خلاف پنج ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز 3-0 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي . ڪيوي ٽيم پهرين ميچ ۾ گرين شرٽس کي 46 رنسن ، ٻين ميچ ۾ 21 رنسن جڏهن ته ٽين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ 45 رنسن تان هارايو هو .