واشنگٽن-13 نومبر (اي پي پي)روم سمنڊ ۾ آمريڪي فوجي جهاز ڪرڻ جي نتيجي ۾ 05 آمريڪي فوجي اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق آمريڪي يورپي ڪمانڊ ٻڌايو آهي ته روم سمنڊ ۾ تربيتي جهاز ڪرڻ جي نتيجي ۾ 05 آمريڪي فوجي اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. آمريڪي فوجي جهاز جي قسم يا ان هنڌ جي وضاحت ناهي ڪئي وئي جتي اهو جهاز اڏام ڪري رهيو هو.