نئين دهلي -02 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتطام هيٺ 13هين آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ کان اڳ وارم اپ ميچن جي رائونڊ جون آخري ٽي ميچون اڄ اڱاري تي کيڏيون پيون وڃن. ٽورنامينٽ جي شروعات 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ ٿيندي جنهن جون اڪثر ميچون ڊي اينڊ نائيٽ هونديون، ميگا ايونٽ کان اڳ وارم اپ رائونڊن ۾ هر ٽيم 2 وارم اپ ميچون کيڏندي. پهرين ميچ افغانستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ گوهاٽي، ٻي وارم اپ ميچ ڀارت ۽ نيڌرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٿيروواناٿا پورام ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽين ۽ آخري پاڪستان پنهنجي ٻي وارم اپ ميچ اڄ آسٽريليا وچ ۾ حيدرآباد ۾ کيڏي ويندي. ورلڊڪپ جون ميچون 5 آڪٽوبر کان 19نومبر تائين جاري رهندو، جنهن ۾ 10 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. ٽورنامينٽ جي 45 ليگ ميچن بعد 4 ٽيمون سيمي فائينل رائونڊن لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. ميگا ايونٽ جو پهريون سيمي فائينل 15 نومبر ۽ ٻيو سيمي فائينل 16 نومبر تي کيڏيو ويندو. ميگا ايونٽ جون 2 ٽاپ ٽيمون عالمي ڪپ جو فائينل 19 نومبر تي کيڏنديون.