نئين دهلي-26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ (اڄ) 27 سيپٽمبر تي سوراشٽرا ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن اسٽيڊيم، راجڪوٽ ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندي. ميزبان ڀارتي ٽيم کي ڪينگروز خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي.