اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته گڏيل قومن جي امن دستن جي لاءِ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح هجڻ گهرجي، پاڪستان دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هو گڏيل قومن جي امن مشن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. 2023ع جي گڏيل قومن جي امن مشن جي وزارتي تياري جي اجلاس کي خطاب ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر موجب 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گڏيل قومن جي امن فوج ۾ پاڪستان جي شرڪت عالمي امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ ۾ ان جي ڪردار جو واضح مظهر آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني تقريب ۾ شرڪت نمائندن کي ڀليڪار چوندي چيو ته گڏيل قومن جا مشنز دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، امن مشن جو حصو بڻجندڙ اهلڪار جيڪي اڻٿڪ محنت سان پوري دنيا ۾ امن کي برقرار رکن ٿا، انهن جي لاءِ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ انهن جي طبي امداد جي لاءِ پڻ قدم کڻڻ گهرجن، رسمي امن قائم ڪرڻ بدران جديد رخن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قانوني فريم ورڪ ۽ مناسب احتسابي طريقيڪار امن جي حفاظت جي لاءِ اهم آهي، اهڙا ماڻهو ۽ گروهه جيڪي گڏيل قومن جي امن دستن کي نقصان پهچائين ٿا يا انهن کي ڌمڪي ڏين ٿا اسان کي ڏوهارين جو احتساب ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا امن فوجي بهترين سارسنڀال جا مستحق آهن. نگران پرڏيهي وزير چيو ته امن فوجين جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو فائدو کڻڻ تمام ضروري آهي، يو اين پيس ڪيپنگ جي ڊيجيٽل تبديلي جي حڪمت عملي حالتن بابت آگاهي وڌائڻ، غلط معلومات جو مقابلو ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏي ٿي. هن چيو ته ائين ڪرڻ سان اسان پنهنجي امن دستن کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ پنهنجي مينڊيٽ کي وڌيڪ موثر طريقي سان پورو ڪرڻ جو اختيار ڏيون ٿا. جليل عباس جيلاني چيو ته جتي پاڪستان گڏيل قومن جي مختلف امن مشنز ۾ 4 هزار کان وڌيڪ فوجين کي فخر سان فراهم ڪري رهيو آهي، اتي امن جي تعمير جي دائري تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته جهڙي طرح اسان امن فوجين جي تربيت جي لاءِ هڪ جديد ترين سهولت قائم ڪئي آهي، سينٽر آف انٽرنيشنل پيس اينڊ اسٽيبليٽي جتي اسان ان اجلاس جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اسان کي اميد آهي ته اسان جا عالمي حصيدار هڪ انسٽيٽيوٽ فار پيس بلڊنگ ٺاهڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ سان تعاون ڪندا. هن گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت فوجي مبصر گروپ جي اهميت جو ذڪر ڪيو جيڪو 1949ع ۾ قائم ڪيو ويو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اهو جنگبندي جي خلاف ورزين جي نگراني ۽ جاچ جي شروعاتي قدمن مان هڪ جي طور تي امن جي تاريخ ۾ هڪ مخصوص مقام رکي ٿو، ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري علائقي ۾ ان گروپ جي اهلڪارن کي هڪ ڌر جي عدم تعاون جي ڪري بي مثال مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته اسان کي حفاظتي خيال کي فعال طور تي ختم ڪرڻ گهرجي جيئن ته گڏيل قومن جي انٽرنل اوورسائيٽ سروسز بابت آفيس جي گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان بابت فوجي مبصر گروپ تي تازي رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن عورت امن دستن جي لازمي ۽ صحيح ڪردار جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي دستن ۾ عورت امن دستن جي موجودگي کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سدائين ڇڪتارڻ وارن علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن سان گڏجي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، امن مشن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته امن مشن جي ڪاميابي جو دارومدار گهڻ رخي ۽ ٺوس عمل تي ٻڌل آهي. پاڪستان 30 ۽ 31 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي ايندڙ اجلاس جي تياري جي اجلاس جي ميزباني ڪئي جنهن جو موضوع ”گڏيل قومن جي امن دستن جي حفاظت ۽ سلامتي“ آهي. جاپان ان اجلاس جو شريڪ ميزبان آهي جيڪو پاڪستان جي سڀ کان وڏي تربيتي اداري سينٽر فار انٽرنيشنل پيس اينڊ اسٽيبليٽي (سي آئي پي ايس) ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ 156 ملڪن تي ٻڌل گڏيل قومن جي پيس ڪيپنگ آپريشنز بابت خصوصي ڪميٽي ۾ نمائندگي ڪندڙ ميمبر ملڪن کانسواءِ مقامي ۽ عالمي ماهرن شرڪت ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جا سينيئر عملدار اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ٻن ڏينهن واري اجلاس دوران مختلف ذيلي موضوعن تي پينل ڊسڪشنز منعقد ڪيا ويا جن ۾ صلاحيت سازي جي ضرورتن، عالمي قانون جي نقطه نظر سان گڏيل قومن جي امن فوجين جي حفاظت، گڏيل قومن جي امن مشن جي طبي صلاحيت کي وڌائڻ کانسواءِ ٽيڪنالاجي ۽ اسٽريٽجڪ مواصلات مان فائدو کڻڻ تي غور ڪرڻ شامل آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان جو شمار گڏيل قومن جي امن فوج جي سڀ کان وڌيڪ فوجي ڏيندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو، پاڪستان 1960ع کان وٺي هيستائين دنيا جي اٽڪل سمورن براعظمن ۾ گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾2 لک 30 هزار مرد ۽ عورت اهلڪارن جو حصو وجهي چڪو آهي، پاڪستان جي 172 امن فوجين فرض جي ادائيگي ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري لازوال قربانيون ڏنيون. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان پاران اجلاس جي ميزباني گڏيل قومن جي امن مشن جي لاءِ ان جي مسلسل وابستگي جي نشاندهي ڪري ٿي جنهن جو مقصد مختلف تڪرارن وارن علائقن ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. گڏيل قومن جي امن مشن جي لاءِ اعليٰ سطحي پرڏيهي ۽ دفاع وارن وزيرن جي شرڪت سان منعقد ٿئي ٿو. 2023ع جو وزارتي اجلاس ڊسمبر ۾ گهانا ۾ منعقد ڪيو ويندو، ان کان اڳ اجلاس جي تياري جي لاءِ چار ميٽنگز جي هڪ سيريز ٿيندي جن مان هڪ پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندي جنهن ۾ گڏيل قومن جي امن مشن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس نتيجن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مخصوص شعبن تي ڌيان ڏيڻو پوندو.