اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مختلف شين جي اسمگلنگ روڪڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، معيشت جي استحڪام لاءِ انهنجي اڻٿڪ خدمتون آهن، سمنڊ پار پاڪستانين کي هوائي اڏن تي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر، واپار وارو نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز، نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽيوانا، وفاقي سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ نجي شعبي جي ناليوارن صنعتڪارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪي معيشت جي تازن انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مختلف شين جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي جي جوڙجڪ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايران سان مٽاسٽا واري واپار جي موجوده اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو. واپاري برادري جي نمائندن وزيراعظم کي ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ نگران حڪومت سان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو آهي. اجلاس ۾ ڊالر جي وڌندڙ قيمت جي ڏس ۾ فارن ايڪسچينج جي غيرقانوني ڪاروبار جي روڪٿام تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم اميگريشن ۽ ڪسٽمز عملدارن کي سمنڊ پار پاڪستانين کي هوائي اڏن تي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن ۽ انهن جي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪي معيشت جي تازن انگن اکرن بابت ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي امڪاني حڪمت عملين جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان جي واپاري برادري ۽ صنعتي شعبي جُون ناليواريُون شخصيتُون پڻ شريڪ هُيُون، جن وزيراعظم کي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. وزيراعظم اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ اسمگلنگ جي خاتمي جي سختي سان هدايت ڪئي. ان کانسواءِ وزيراعظم ڪسٽمز ۽ اميگريشن عملدارن کي اجلاس ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ايران سان مٽاسٽا واري واپار جي موجوده صورتحال جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو.