اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوات سان تعلق رکندڙ سينيئر صحافي فياض ظفر تي مبينا تشدد ۽ حراست جو نوٽيس وٺندي فياض ظفر تي تشدد ۽ ان جي گرفتاري جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي فياض ظفر سان پيش ايندڙ واقعي تي لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته آئين موجب ميديا ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي مڪمل يقين رکون ٿا. لاڳاپيل عملدار واقعي جي غيرجانبداراڻي جاچ يقيني بڻائين ۽ سمورا تفصيل مهيا ڪيا وڃن. هن چيو ته عهدي جي طاقت صحافين جو آواز دٻائڻ جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته فياض ظفر جي معاملي ۾ اڳڀرائي تي نظر رکنداسين ۽ سموريون حقيقتون سامهون اچڻ تي ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين.