اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان جاپان جي سفير واڊا مٽسوهيرو ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مستقبل جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.