اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين مولانا طاهر اشرفي ملاقات ڪئي ۽ کيس اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان مولانا طاهر اشرفي جڙانوالا واقعي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم جڙانوالا واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي، اهڙو رويو برداشت نه ڪنداسين، متاثر گرجا گهرن ۽ متاثر شهرين جي گهرن جي تعمير ۽ بحالي جو عمل جاري آهي. نگران حڪومت آئين ۽ قانون موجب سمورن شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ تي يقين رکي ٿي. هن چيو ته ڪنهن کي به انتهاپسندي ۽ لاقانونيت جي باهه ڀڙڪائڻ نه ڏينداسين، اقليتون خاص طور تي مسيحن پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. طاهر اشرفي چيو ته جڙانوالا واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن نقوي جا فوري قدم ساراهه جوڳا آهن.