اسلام آباد-25 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ اڄ ڇنڇر ڏينهن سريلنڪا ۾ کيڏي ويندي، ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي ۽ پاڪستان جي معياري وقت موجب ٽپهري 2 وڳي 30 منٽ تي شروع ٿيندي، گرين شرٽس کي افغانستان خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. پاڪستان ٽيم افغانستان جي پهرئين ون ڊي ميچ ۾ وڏي مارجن 142 رنسن سان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ هڪ وڪيٽ تان هارائي سيريز 2-0 تان کٽي ورتي آهي. پاڪستان ۽ افغانستان جون ٽيمون هن وقت سريلنڪا ۾ موجود آهن جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ون ڊي ميچن جي سيريز جو شيڊول آهي جنهن جا ٻه ميچ کڏيا ويا آهن، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت مشهور بيٽسمينن بابر اعظم ڪري رهيو آهي جڏهن ته افغانستان جي ٽيم کي هشمت الله شهيدي ليڊ ڪندو، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سريلنڪا ۾ ٽي ون ڊي ميچن جي سيريز کان اڳ ميزبان افغانستان طرفان شوقينن لاءِ مفت داخلا جو اعلان ڪيو ويو هو، ٽنهي ون ڊي ميچن جا شوقين بنا ٽڪيٽ جي اسٽيڊيم وڃي ميچ ڏسي سگهندا، واضح رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 26 آگسٽ تي کيڏي ويندي، سيريز جون ٽئي ميچون ڏينهن رات هوندي ۽ سريلنڪا جي مهندا راجا پاڪسي انٽرنيشنل اسٽيڊيم، همبٽنوٽا ۾ کيڏيون وينديون.