اسلام آباد -23 آگسٽ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ باڪسنگ جو عالمي ڏينهن 27 آگسٽ تي ملهايو ويندو. پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل ڪرنل ريٽائرڊ ناصر اعجاز تنگ ٻڌايو ته سڄي دنيا جي طرح پاڪستان ۾ به پاڪسنگ جو عالمي ڏينهن 27 آگسٽ تي ملهايو ويندو. جنهن جي تياريون هاڻي کان شروع ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن هر سال 27 آگسٽ تي باڪسنگ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نمائشي مقابلن جو اهتمام ڪندي آهي ۽ ان ڏينهن لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، مظفرآباد ۽ گلگت سميت ملڪ جي ٻئي شهرن ۾ مقابلا منعقد ٿيندا آهن.