دبئي – 21 آگسٽ (اي پي پي) نيوزيلينڊ ٽئين ۽ فيصلائتي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ گڏيل عرب امارتن کي 32 رنسن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز 1- 3 تان کٽي ورتي. ڪيوي ٽيم جي 137 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي ٽيم اننگز جي آخري اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهي سگهي. ويل ينگ هاف سينچري اسڪور ڪئي ۽ ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. جڏهن ته مارڪ چيپ مين کي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.