اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ باڪسنگ جو عالمي ڏينهن 27 آگسٽ تي ملهايو ويندو. پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل ڪرنل (ر) ناصر اعجاز تنگ ٻڌايو ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به باڪسنگ جو عالمي ڏينهن 27 آگسٽ تي ملهايو ويندو جنهن لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن. ان ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ باڪسنگ جا نمائشي مقابلا منعقد ڪرايا ويندا ۽ فيڊريشن سان لاڳاپيل ادارن، صوبائي ۽ ريجنل ايسوسيئيشنز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.